جهم ڪوٽ/ هيم ڪوٽ

جهم ڪوٽ/ هيم ڪوٽ

جهم ڪوٽ/ هيم ڪوٽ

جهم ڪوٽ/ هيم ڪوٽ

جهم ڪوٽ جا آثار

جهم ڪوٽ جا آثار

جهم ڪوٽ/ هيم ڪوٽ (ماڳ)

جهم ڪوٽ/ هيم ڪوٽ (ماڳ): جهم ڪوٽ / هيم ڪوٽ جا آثار سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۾ ٺٽي ضلعي جي جهمپير شهر کان هڪ ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ پکڙيل آهن. هن ڪوٽ جا ڦٽوڙا ڪينجهر ڍنڍ جي اولاهين ڪنڌيءَ تي
25° 03′ 0″ ۽ 68° 70′ 0″ جي اوڀر اولهه ۾ آهن. قديم زماني ۾ هي ڪوٽ هڪ درياهي وهڪري تي آباد هو. اهو وهڪرو زماني جي گردش جي ڪري اتان منهن موڙي ويو. هاڻي هن درياهه جي جاءِ ڪينجهر ڍنڍ والاري بيٺي آهي. ڪوٽ جا ڀڙڀانگ کنڊر توڙي آسپاس جي زمين ڪينجهر ڍنڍ پاڻيءَ جي سطح کان چاليهه کن فوٽ اوچائيءَ تي آهن، جهم ڪوٽ ايڏي بلنديءَ ۽ پاڻيءَ جي ڪناري تي هئڻ ڪري دفاعي نقطه نگاهه کان به اهم جاءِ والاري ٿو. ڪوتليه چاڻڪيه اهڙي ڪوٽ جي باري ۾ ذڪر ڪيو آهي ته: ”راجا پنهنجو تخت جو پايو رياستن جي وچ ۾ ڪنهن موزون جڳهه تي تعمير ڪري، جهڙوڪ درياهن جو سنگم، قدرتي ڍنڍ يا تلائن جا ذخيرا. قلعو- گول، مستطيل يا چوڪور هجي، جنهن جي آسپاس ندي هجي ۽ ان تي خشڪي ۽ آبي ٻنهي رستن سان داخل ٿي سگهجي.“ چاڻيڪه جي لکڻ مطابق ڏسجي ٿو ته هيم ڪوٽ جي شڪل به چوڪور آهي ۽ هن قلعي ۾ خشڪي توڙي آبي رستي پهچي سگهجي ٿو.
هن وقت سڄو ڪوٽ تباهه حاليءَ جو شڪار آهي، ان هوندي به ان جي ديوارن جا پختا بنياد هن درياهي ڪوٽ جي عظمت جي ڄاڻ ڏين ٿا. ساڳئي وقت ڪجهه بچيل برج به هن قلعي جي برجستي هئڻ جي شاهدي لاءِ ڪافي آهن، پر هي تاريخي ڪوٽ ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندو وڃي ٿو. ڪوٽ جو وڏو حصو قبرستان بڻجي چڪو آهي ۽ هتي حسين شاهه نالي بزرگ جي مزار به آهي.
اڏاوت: هي سڄو ڪوٽ ڳاڙهي پٿر جو ٺهيل آهي. ان جو اڏاوتي پٿر لڳي ٿو ته جهمپير جي آسپاس جي ٽڪرين کي ٽڪي ڪتب آندو ويو آهي. ڪوٽ اڏيندڙن شايد پٿر جي معيار جو تمام گهٽ خيال رکيو آهي، جو سمورو پٿر آبهوا جي اثر جي ڪري ڳري سڙي ويو آهي. پٿر جي اهڙيءَ حالت ۾ پهچڻ جو هڪ سبب ان جي وڏي ڄمار به ٿي سگهي ٿي، ڇو ته ڪوٽ اٽڪل تيرهن سؤ سال اڳ چچ جي دؤر ۾ اڏيو ويو هو.
اڄ به ڪوٽ ۾ استعمال ٿيل پٿر جي گهڙائي، لسائي، ڪنڊون ۽ پاسا سلامت بيٺا آهن، جنهن کي ڏسي انساني هٿن جي هنر کي ساراهڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. پٿر گهڻو ڪري مناسب سائيز ۽ وزن جا هنيا ويا آهن، هن کي ڪنهن مشين جي مدد کانسواءِ چوري سگهجي ٿو. عام پٿر ڏيڍ + اڍائي + ٽي فٽ جو آهي. ڪن هنڌن تي ان کان ننڍا توڙي وڏا پٿر به رکيا ويا آهن. موجوده وقت ماڻهن گهڻا پٿر ٽوڙي قبرن ۾ ڪتب آندا آهن.
ڪوٽ جي مکيه دروازي وٽ مندر جي ڀرسان ٿنڀن (Columns)جا بنيادي پٿر پيل آهن. گول شڪر جا اهي بنياد وارا پٿر ڇهه انچ ٿلها، ڏيڍ فوٽ قطر وارا ۽ ڪافي وزندار آهن، جيڪي ٿي سگهي ٿو ته ڪوٽ جي مکيه دروازي جي اڏاوت يا مندر ۾ استعمال ڪيا ويا هئا. انهن گهڙيل خوبصورت پٿرن جي هن وقت به درست حالت ڏسي گمان ٿئي ٿو ته پٿر بعد ۾ دؤر جا مندر جي سونهن ۽ سينگار لاءِ ڪتب آندا ويا هجن. ڪوٽ جي پٿرن جي اوساريءَ ۾ مسالي جو هلڪو تهه ڏنو ويو آهي. چن جي گهڻائيءَ سبب مسالي ۾ ان جو مناسب حصو نظر اچي ٿو. اڄ به مسالو ايترو مضبوط ۽ پختو آهي، جو باوجود ڪوشش جي پنهنجيءَ جاءِ ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي. هونئن به پٿر جي گهڙاوت مهل کانچا ڇڏيا ويا آهن، جنهنڪري پٿر هڪ ٻئي کي مضبوط جهلي بيٺا آهن. جهم ڪوٽ جي اتر واري پٿريلي ديوار جو هڪ ٽڪر چشمن جي ڀرسان سالم حالت ۾ نروار بيٺو آهي، جنهن مان ڪوٽ جي مضبوطيءَ ۽ بناوٽ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ڪوٽ ۾ ڪن مناسب هنڌن تي سرن جو استعمال به ٿيل آهي. هن جهوني ڪوٽ جي وقت سر جوڳي سار سنڀال نه لهڻ ڪري ڪوٽ جي اڏاوت ۽ خوبصورتي متاثر نه رهي آهي.
ديوارون: هن وچولي سائيز جي ڪوٽ کي چوڌاري 8 فوٽ ٿلهيون ديوارون ڏنل هيون، جيڪي زماني جي ستم ظريفيءَ سبب ڊهي ويون آهن، تنهن هوندي به انهن ديوارن جا نشان ڪوٽ جي سطح کان ڪجهه فٽ اوچا هئڻ ڪري ڪوٽ جي بناوت ۽ ڊزائن جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. جهم ڪوٽ پوڻن ٻن ايڪڙن يعني ساڍن ستن هزارن چورس فوٽن ۾ پکڙيو پيو آهي. چوڦير ان جي ديوار جي ڊيگهه يارهن سؤ فوٽ بيهي ٿي. ڪوٽ جون سڀ ديوارون هڪ بي ترتيب ڍير جي شڪل اختيار ڪري چڪيون آهن.
اترين ديوار: اترين ديوار اولهه کان هڪ شاهي برج مان منهن ڪڍي اوڀر طرف ڪينجهر جي ٿڌين ٿانورين لهرن سان گڏ 125 فوٽ اڳتي ڪوٽ اندر 35 فوٽ وڪڙ کائي ٿي. ان وراڪي وٽ ان کي هڪ شاهي برج ڏنل آهي. جتي ديوار جي قدمن مان چشما ڦٽي نڪرن ٿا، جن جو ذڪر مير علي شير قانع، مرزا قليچ بيگ ۽ لوڪرام ڏوڏيجا به ڪيو آهي. اترين ديوار کي ان هنڌان ان ڪري ورَ ڏنو ويو آهي، جيئن پاڻيءَ جا اهي چشما عام ماڻهن جي استعمال لاءِ ڪوٽ کان ٻاهر ڪڍي سگهجن. هن مقام کان ديوار وري پنهنجو سفر شروع ڪري 120 فوٽ اڳتي اچي اوڀر ڪنڊ وارو برج ٺاهي ٿي. اهڙيءَ طرح هن ٻانهن جي ڪل ڊيگهه 245 فوٽ بيهي ٿي.
اوڀارين ديوار: سر زمين تي ڪوٽ جي هن ديوار جو وڏو حصو غائب آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته هي حصو ڄاڻي واڻي ٽوڙيو ويو آهي. شايد هي پٿر ڪنهن ٻي عمارت جي اڏاوت ۾ ڪتب آندا ويا هجن. اوڀارين ديوار جي ڊيگهه 275 فوٽ بيهي ٿي. هن تاريخي جاءِ جو هي پاسو ڪرڙن ۽ ڪانڊيرن جي گهيري ۾ آهي.
ڏاکڻي ديوار: ڪوٽ اندر اچڻ وڃڻ لاءِ محسوس ٿئي ٿو ته صرف هي پاسو ئي استعمال ۾ ايندو هو، ڇو ته ڪوٽ جي ڏکڻ پاسي تي ڪوٽ جي مکيه دروازي جا آثار ملن ٿا. ديوار جيئن اوڀر ڏکڻ ڪنڊ کان اڳتي وڌي ته ڪجهه قدمن بعد ان تي دروازي جي حفاظت لاءِ ٻه برج ٺهيل آهن. دروازي بعد ديوارون وري سڌي قطار ۾ ڏکڻ اولهه برج سان ملن ٿيون. ڪوٽ جي هنن ٻانهن جي ڊيگهه 275 فوٽ آهي.
اولهائين ديوار: ڪوٽ جي هيءَ ڊگهي ۾ ڊگهي 310 فوٽ ديوار آهي. هي ٻانهين ڪوٽ جي ڏکڻ اولهه برج کان اڳتي 125 فوٽن جي فاصلي بعد ڪوٽ جي اندر طرف 90 ڊگري جي ڪنڊ ٺاهي، 30 فوٽ اندر گُهت هڻي ٿي، جتي وري گوني ڪنڊ ٺاهي، پنهنجو سفر اتر پاسي روان رکي ٿي. آخر ۾ 185 فوٽ وڌيڪ اڳتي اترين ديوار جي ڪنڊ وٽ قائم برج سان ملي ٿي. هن اولهائين ديوار جي ڀرسان اندرئين توڙي ٻاهرئين پاسي تي قبرون موجود آهن. ڪوٽ جي هن ڀت کي وچ وٽان اندر طرف وڪڙ ڏيڻ جو ڪو به واضح سبب معلوم نه ٿو ٿئي، نه ئي ان هنڌ جي زميني ساخت يا ٽڪريءَ جي شڪل يا بناوت اهڙي آهي، جنهن ڪري ديوار کي ان هنڌان اندر طرف موڙ ڏنو ويو هجي. ائين ٿو لڳي ته ديوار کي گوني ڪنڊ ٺاهڻ بعد قبرن کي ڪوٽ اندر آڻڻ کان بچايو ويو آهي، پر مڪاني ماڻهن جي چوڻ مطابق ڪوٽ ڪافي اوائلي آهي ۽ قبرستان بعد ۾ ٺهيو آهي. هڪ اندازو آهي ته جيئن اهو پاسي خشڪيءَ طرف آهي، ان ڪري ڪوٽ جي هن ديوار جي ٻاهران ئي محافظن جي رهائش جو بندوبست ڪيو ويو هوندو. ائين به ٿي سگهي ٿو ته ديوار جي هن ٻاهرئين پاسي وٽ ئي ڪوٽ جو دمدمو يا ڪو ڳجهو لنگهه هجي، جيڪو هن وقت پنهنجا نشان وڃائي چڪو آهي.
برج: ڪوٽ کي اندازن ڪل ست برج آهن، جن مان صرف ٽي برج اڄ به واضح نظر اچن ٿا. هنن ستن برجن مان چار برج ڪوٽ جي چئن ڪنڊن جا محافظ آهن. جن مان صرف اتر ڪنڊ وارو برج جهُريل حالت ۾ موجود آهي. باقي ڪنڊن وارا ٽي برج ڊهي ويا آهن. ان کان سواءِ ٻه برج جيڪي ڪوٽ جي ڏاکڻئين شاهي دروازي جا رکوالا هئا، تن مان ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ مهل ساڄي هٿ وارو يعني اوڀاريون برج ڊهي آهي. البته کاٻي هٿ واري برج جو وجود محسوس ٿئي ٿو. ڪوٽ جي حالت ڏسي لڳي ٿو ته داخلي دروازي کي شايد زوريءَ ڊاٺو ويو آهي. هي حصو شوَ مندر جي ويجهو هئڻ ڪري شوَ جي ڪنهن خاص ڏڻ تي ميلي وغيره لاءِ کليل ميدان طؤر ڪتب آندو ويندو هو. ڪوٽ جي اترين ديوار ۾ جتان ديوار کي وڪڙ ڏئي اندر آندو ويو آهي، اتي ڪوٽ جو هڪ اضافي ۽ سڀ کان برجستو برج موجود آهي. هن وڏي برج جي ڇانوَ ۾ ئي مندر جا چشما آهن. لڳي ٿو ته هي برج خاص چشمن تي ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي نظرداريءَ لاءِ جوڙيو ويو هو. بهرحال ڪوٽ جو هي سڀ کان مٿانهون برج آهي.
ڪنگريون/ مارا: ڪوٽ جي ديوار يا برجن جو ڪو به مٿانهون حصو صحيح حالت ۾نه ٿو ملي، ان ڪري چئي نه ٿو سگهجي ته ديوار ۾ ڪيترا ۽ ڪهڙي طرز جا ڳڙکا ۽ منارا هئا، جن ۾ تيرانداز يا بندوق باز مورچا قائم ڪري ويهندا هئا. نه ئي برج اهڙي اوچائيءَ تائين سالم حالت ۾ بيٺا آهن، جن تي منجنيق يا توب وغيره رکڻ جا ڪي اهڃاڻ ملي سگهن. ساڳيءَ طرح اهو به يقين سان چئي نه ٿو سگهجي ته ٻاهرين ديوار يا برجن مٿان ڪي ڪنگريون وغيره هيون يا نه، البته مقامي اديب رسول بخش درس وٽ هن ڪوٽ جو هڪ پٿر محفوظ آهي، جيڪو ڪنول جي گل سان مشابهت رکي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ان طرز جا گل ڪوٽ جي ڪنگرن يا ڪنهن ٻئي هنڌ جي خوبصورتيءَ لاءِ ڪتب آندا ويا هجن.
رهائشي ڪوٽ: جهم ڪوٽ اهم دفاعي هنڌن تي واقع هئڻ کانسواءِ رهائشي ڪوٽ به لڳي ٿو. اڄ به ڪوٽ جي ڪن هنڌن تي رهائشي جڳهين جا بنياد ظاهر بيٺا آهن، جن جي کوٽائي ڪرڻ سان ڪيتريون ئي تاريخي شيون ملي سگهن ٿيون. البته ڪوٽ جي اوڀارين ديوارن سان لڳولڳ ڪيترن ڪمرن جا اهڃاڻ موجود آهن، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪوٽ جو اهو پاسو رهائشي هو. ڪوٽ جي هن حصي ۾ ڪمرن جي موجودگيءَ جو وڏو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو، جو اتي پاڻيءَ جا چشما ويجها آهن. ڪوٽ جي رهواسين جو به شديد گذر سفر چشمن جي ان پاڻيءَ تي هو. هونئن به ڪوٽ جي ڪن حصن جي کوٽائيءَ دوران ڪي گول پائيپ مليا آهن، جيڪي پاڻيءَ پهچائڻ ۽ نيڪال جي ڪم ايندا هوندا.
چشما: ڪوٽ جي اترين ديوار جي ٻاهرئين طرف بنيادن ڀرسان شفاف چشما ڦٽي نڪرن ٿا، جيڪي صدين وٺي لاڳيتو وهندا رهن ٿا. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هنن چشمن جي ڪري ئي هن علائقي کي ”جهم“ سڏيو ويو آهي. مير علي شير قانع به هنن چشمن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”آڳاٽي سمي هيم ڪوٽ نالي پراڻو قلعو هوندو هو ۽ هاڻي هندن جو هڪ تيرٿ آهي. هڪڙي ٽڪر مان پاڻي سمي ٿو، انهيءَ جي هيٺان هڪ قدرتي چشموجهم“ نالي آهي.“ ان چشمي جو مرزا قليچ بيگ به ذڪر ڪيو آهي ته: ”هن ڳوٺ جي ويجهو ڀيم ڪوٽ هوندو هو ۽ هاڻي اتي هندن جي تيرٿ جي جاءِ آهي. ٽڪر مان پاڻي ڦڙو ڦڙو ٿي ڪري ٿو.“ ماڻهن جو خيال آهي ته ان جهم چشمي جي ڀرسان بعد ۾ هڪ بزرگ جي دفن ٿيڻ ڪري ان جو نالو ’جهمپير‘ پئجي ويو. پر سمجهجي ائين ٿو ته هي علائقو جهميل هئڻ ڪري ۽ پاڻيءَ جي موجودگيءَ ڪري ئي هن ساري علائقي جي هيٺائينءَ جي نسبت سان ئي ان ڪوٽ تي نالو به ”جهم ڪوٽ“ پئجي ويو، جيڪو ”هيم ڪوٽ“، ”همه ڪوٽ“ ۽ ”ڀيم ڪوٽ“ جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. هن ڪوٽ جي اندر اوڀر ڏکڻ ڪنڊ تي مک دروازي وٽ شوَ جو مندر آهي.
(حوالو: جهم / هيم ڪوٽ- اشتياق انصاري- عبرت مئگزين 16 آڪٽوبر کان 31 سيپٽمبر )


هن صفحي کي شيئر ڪريو